جشن واسواڻي دادا

جشن واسواڻي دادا

جشن واسواڻي دادا

جشن واسواڻي، دادا: ناليواري شخص ۽ روحاني پيشوا جشن واسواڻيءَ، 2 آگسٽ 1918ع تي شري پهلاج راءِ واسواڻيءَ جي گهر حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. سندس ماءُ جو نالو ڪرشنا ديوي هو. دادا جشن ننڍي هوندي کان ئي هوشيار ۽ ذهين هو. هن 13 سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتي پاڻ عام شاگردن جيان فارغ ويهي وقت ڪٽڻ بجاءِ ليبارٽريءَ ۾ ويهي ڪنهن نه ڪنهن عنصر (Element) تي تجربا ڪندو هو. قابليت ۽ پڙهڻ، پرائڻ واري جذبي هئڻ ڪري، جشن واسواڻي ڪاليج ۾ هر دل عزيز هوندو هو. ايم. ايس. سي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪرڻ کانپوءِ ڪاليج ۾ فيلو جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏيڻ لڳو، ايم. ايس. سي دوران هن وي. رامن سائنسدان جي ايڪسري تي وڌيڪ کوجنا ڪئي. طبعيت صوفياڻي مزاج جي هئڻ سبب 1939ع ڌاري سنڌ جي نامور عالم ۽ سنت دادا ٽي. ايل واسواڻيءَ جي سنگ ۾ اچي ان جي سيوا ڪرڻ لڳو ۽ ڪنهن به سرڪاري توڙي نيم سرڪاري نوڪريءَ طرف ڌيان نه ڏنائين، بلڪه ساڌو واسواڻيءَ جي خدمت ۾ اٺ ئي پهر حاضر رهندو هو. ان دوران جشن واسواڻي، ساڌو ٽي. ايل. واسواڻيءَ جي ٻاڻي به لکندو ويندو هو. ان عرصي ۾ هن ’Excelsior‘ نالي سان هڪ مخزن ڪيو ڪئي، جنهن ۾ خـاص طـور سـنتـن ۽ ستپرشن بابت مواد هوندو هو. سـنـدس لکيـل مقالي ’دي اسٽوري آف دي سمپل مئن‘ تي ’آمريڪا انٽرنيشنل اڪيڊمي‘ کيس ايم. فل جي اعزازي ڊگري ڏني. هن سنت ساڌو واسواڻيءَ جي سنگ ۾ ئي رهڻ کي ترجيح ڏني، پر ساڌو واسواڻيءَ جي حڪم تي سينٽ ميران ڪاليج جو پرنسپال ٿيو ۽ اتي رنگ نسل کان مٿانهون ٿي انسان دوستيءَ ۽ محبت جو درس ڏنائين، هن جي تقرير توڙي تحرير ۾ وڏي ڪشش آهي، دادا جشن جا انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترا تحقيقي مقالا لکيل ۽ ڪتاب ڇپيل آهن. 1961ع ڌاري ڀارت ۾ آيل ٻوڏ سبب ستايلن جي هن خوب سهائتا ڪئي. مالي طور خوشحال گهراڻي جو فرد آهي ۽ سخاوت ۾ غريب پرور آهي. جاندارن کي نه مارڻ، انهن سان پيار ڪرڻ ۽ رحم ڪرڻ جي تلقين ڪندو رهندوآهي. دادا جشن واسواڻي ’انجلي‘ تخلص سان شاعري به ڪندو آهي. سندس شاعريءَ ۾ ملڪي محبت، انسان دوستي ۽ پيار جا جذبا نمايان طور نظر اچن ٿا.
هن وقت پوني ۾ ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي ٽرسٽ جو سنڀاليندڙ آهي، جنهن پاران ڪيترا اسڪول، ڪاليج ۽ آشرم هلن ٿا. سڄيءَ دنيا ۾ سنڌي ماڻهن کي مادري ٻولي سنڌيءَ ۾ تعليم پرائڻ ۽ سنڌي ڳالهائڻ لاءِ زور ڀريندو رهندو آهي. سندس تقريرن ۾ سمورن مذهبن جي تعليم جي جهلڪ ۽ انيڪتا پٺيان ايڪتا جو درس ملندو رهي ٿو.
دادا جشن واسواڻي 2005ع ۾ 56 سالن جي وڇوڙي کانپوءِ سنڌ ياترا تي آيو هو ۽ سنڌ کان پوني واپسيءَ بعد، دادا جي هڪ عقيدتمند خاتون ڪرشن ڪماريءَ دادا جي سنڌ ياترا کي ’وطن جي وڻن ڏي‘ عنوان سان قلمبند ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو هو.
مشهور ڪهاڻيڪار خاتون ريٽا شهاڻيءَ سندس جيون تي ”جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ“ عنوان سان سوانحي ڪتاب (2008ع) لکيو آهي. دادا جشن واسواڻيءَ جا ڪيترا ئي ڪتاب ڇپيل آهن، جن مان هيٺيان اهم آهن: (1) پشپا انجلي (1964ع)، (2) ’لاهوتي لنگهي ويا‘ (1966ع)، (3) ’ڳوڙهن جي مالها- 1‘، (4) ’ڳوڙهن جي مالها-2‘، (5) ’سانت جي پردي ۾‘ (1969ع)، (6) ’ڳوڙهن جي مالها-3‘، (7) ’ڦٽيل دل جا ڦول‘ (1975ع)، (8) ’نوري ۽ انجليءَ جا گيت‘ (هن ڪتاب ۾ دادا ٽي. ايل. واسواڻي ’نوري‘ ۽ جشن واسواڻي ’انجلي‘ جا گيت/ شعر آهن)، (9) ’سنت سماگم‘، (10) ’مکڙيون‘، (11) ’منهنجي شرڻ آءُ‘، (12) ’سهاڳڻ شانتي‘ (1985)، (13) ’اڄ جو ويچار‘، (14) ’الله جا عاشق‘ (2003ع)، (15) ’The Story of Simple man‘، (16) ‘Peace or Perish’ (2007)، (17) ‘I am a Sindhi’ (2008) . نوٽ: جشن واسواڻي 12 جولاءِ 2018ع تي ديهانت ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.08.02  عيسوي

جشن واسواڻيءَ ، 2 آگسٽ 1918ع تي شري پهلاج راءِ واسواڻيءَ جي گهر حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو .


2018.07.12  عيسوي

جشن واسواڻي 12 جولاءِ 2018ع تي ديهانت ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صديقي محمد صالح
حڪيم فضل محمد
شيام جئسنگهاڻي
جنجهي نور احمد
استاد جمالو خان
دوست محمد مرزادوست
پير ضياءُ الدين شاهه راشدي
پرمانند ڀنڊار
رحيم بخش قريشي
ڀڳت سنتو داس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون